ڇو ڪٿي رڪجون رفيقو,
ارتقا رڪجي نٿي,
زندگي جي آرزو ۾,
جستجو ٿڪجي نٿي.
ساٿيو سندرا ٻڌي,
هلندا هلو وڌندا هلو.
پاڻ ڇو بيهي رهون,
دنيا جڏهن بيهي نٿي.
ڊاڪٽر جي ايم پنهور انسٽيٽيوٽ مصطفيٰ آباد طرفان ڪيريئر ڪائونسلنگ جي سلسلي ۽ سنڌ جي يونيورسٽين جي مختلف شعبن ۾ داخلا جي خواهشمند شاگردن توڙي شاگردياڻين جي سهولت لاءِ هڪ ڏينهن جي سيشن جو انعقاد ڪيو ويو. جنهن ۾ سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي عمرڪوٽ ڪئمپس جي (پرو وائس چانسلر)محترم ڊاڪٽر جان محمد مري، ليڪچرار جناب ذوالفقار مري، ليڪچرار وسيم سجاد ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو يونيورسٽي آف وٽرنري اينڊ اينيمل سائنس سڪرنڊ جي نمائندگي ڪندڙ اسسٽنٽ پروفيسر ميڊم ڊاڪٽر ثنا نور صاحبه خصوصي شرڪت ڪئي. انھي موقعي تي سيشن کي آجياڻي جو خطاب ڪندي اداري جي چيئرپرسن ميڊم سائرہ صلاح الدین پنهور صاحبہ آيل معزز مهمانن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته اوهان معززين جا وڏا وڙ جو اوهان ھن رموٽ ايريا ۾ پير ڀري آيا آھيو تنهن کان پوءِ ايگريڪلچر يونيورسٽي عمرڪوٽ ڪئمپس جي پرووائيس چانسلر محترم جان محمد مري خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي پٺ تي پيل علائقي ۾ تعليم جون جديد سهولتون ڏسي دل بهار بهار ٿي وئي آهي، جنھن لاءِ ڊاڪٽر جي ايم پنهور فيملي جس لھڻي. هن وڌيڪ چيو ته اڄڪلھ جي دور ۾ نوجوانن کي صرف ميڊيڪل جي شعبي کي ترجيح نه ڏيڻ گهرجي، پر ان سان گڏوگڏ آء ٽي، سافٽويئر انجنيئرنگ ۽ زرعي شعبن جو به دنيا ۾ وڏو اسڪوپ آهي انهن شعبن مان به شاگردن کي وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي هن سيشن ۾ شرڪت ڪندڙ انٽرميڊيٽ جي شاگردن کي سندس ڪئمپس ۾ داخلا وٺڻ جي پڻ دعوت ڏني ۽ کيس هر ممڪن سهولت ڏيڻ جي يقين دھاني پڻ ڪرائي. تنهن کانپوءِ شهيد بينظير ڀٽو سڪرنڊ ڪئمپس جي اسسٽنٽ پروفيسر ثنا نور پنھور صاحبه يونيورسٽي جي مختلف شعبن جي باري ۾ جامع ڄاڻ شيئر ڪري شاگردن جي ڪيريئر ڪائونسلنگ ڪئي. ڊاڪٽر جي ايم پنهور انسٽيٽيوٽ وزٽ ڪرڻ آيل گورنمينٽ هاءِ اسڪول محمد عالم راڄڙ تعلقه کپرو جي استاد صاحبان، شاگردياڻين ۽ سندس والدين پڻ اڄوڪي ڪيريئر ڪائونسلنگ جي سيشن ۾ شرڪت ڪئي. آخر ۾ اداري جي چيئرپرسن ميڊم سائرہ صلاح الدین پاران آيل معزز مهمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ ۽ سنڌ جي صوفي شاعر مخدوم شهيد عبدالرحيم گرهوڙي جو رسالو تحفي طور ڏنا ويا.
At the Dr. G.M. Panhwar Institute, our foundation is built on four core values:
These values guide our mission to create meaningful, lasting change.

build institute

management

the entire community